قرارداد لاهور

پاڪستان جو ٺهراءُ/ قرارداد لاهور: (انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ لاهور ۾ منظور ٿيل: 22 کان 24 مارچ 1940ع).
(1) آئيني مسئلي تي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ مجلس عامله جي هن پيش قدميءَ جي تائيد ۽ توثيق ڪندي، جيڪا 27 آگسٽ، 17- 18 سيپٽمبر، 22 آڪٽوبر 1939ع ۽ 3 فيبروري 1940ع جي قراردادن مان واضح ٿئي ٿي. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس پر زور طريقي سان اهو دهرائي ٿو ته، اهو وفاقي منصوبو، جنهن جو اظهار گورنمنيٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ ڪيو ويو آهي. بلڪل غير موزون، هن ملڪ جي خاص حالتن جي پيش نظر ناقابل عمل ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ مڪمل طور ناقابل قبول آهي.هن اجلاس جي اها حتمي راءِ آهي ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي جيڪو اعلان وائسراءِ، حڪومت جي طرفان ڪيو هو، اهو ان حد تائين ته اطمينان بخش آهي، جو جنهن ملڪ ۽ منصوبي تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ٻڌل آهي. ان تي هندستان جي مختلف جماعتن، مفادن ۽ فرقن جي مشوري سان ٻيهر غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي، پر هندستان جا مسلمان ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندا، جيستائين پوري آئيني منصوبي تي ٻيهر نئين سر غور نه ڪيو ويندو ۽ ڪو به نئون منصوبو انهن جي رضامندي ۽ منظوري سان مرتب نه ڪيو ويندو.طئي ٿيو ته انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هيءَ منظور شده راءِ آهي، ته ڪو به آئيني منصوبو هن ملڪ ۾ قابل عمل ۽ مسلمانن لاءِ قابل قبول نه هوندو، جيستائين اهو هيٺ ڄاڻايل بنيادي اصولن تي وضع نه ڪيو وندو، يعني جاگرافيائي طور ويجهڙائي وارن علائقن جي حد بندي اهڙي خطي ۾ ڪئي وڃي، جو جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مثلاً: هندستان جا اتر اولهندي ۽ اڀرندي وارا حصا. انهن جي تشڪيل اهڙي ته آزاد رياستن جي صورت ۾ ڪئي وڃي، جو اهي خود مختيار ۽ مقتدر هجن. گڏوگڏ انهن ويجهڙائي وارن علائقن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ مؤثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، انهن جي ٻين اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان شامل ڪيو وڃي. وڌيڪ هيءُ اجلاس مجلس عامله کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته اها انهن بنيادي اصولن مطابق آئين جو هڪ اهڙو منصوبو مرتب ڪري، جنهن جي مدد سان ذڪر ڪيل علائقن کي پورا اختيار حاصل ٿي وڃن، جيئن: دفاع، پرڏيهي مامرا، مواصلات، محصولات ۽ ٻيا مامرا جيڪي ضروري سمجهيا وڃن. ان بعد 1946ع ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ان ”قرارداد“ ۾ تبديلي آڻي، ”آزاد ۽ خود مختيار رياستن“ جي جاءِ تي ”هڪ رياست (State)“ جو لفظ ڪم آندو ويو.


لفظ قرارداد لاهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو